News AlertsSindh

ڪراچي سنڌ وري ثقافتي رنگ ۾ رنگجي وئي، ايڪتا ريليون، قومي گيتن تي جهمريون

ڪراچي …. ڪاوش گروپ جي سڏ تي سڄي سنڌ ثقافتي رنگ ۾ رنگجي وئي آهي ۽ اڄ آچر تي ايڪتا ريليون ڪڍي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي ان ڏس ۾ عوامي تحريڪ، جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، سنڌ نيشنل پارٽي سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران ثقافتي ريلين جو شلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪيمپ لڳائي وئي آهي جتي وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي رهيا آهن ۽ قومي گيتن تي جهمريون هنيون پيون وڃن. حيدر آباد، ڄامشورور، سکر، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ، سانگهڙ، مٺي، جيڪب آباد،ٺٽو، بدين شڪارپور، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، دادو، سيوهڻ، ميهڙ، نوابشاهه، سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ايڪتا ريليون ڪڍي ثقافتي سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ريلين شريڪ قومپرست توڙي ٻين جماعتن جا ڪارڪن پنهنجي پنهنجي پارٽين جا جهنڊا ڦڙڪائي رهيا آهن. ڄامشوري ۾ انساني هٿن جو زنجير ٺاهي ثقافتي ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو.عمر ڪوٽ ۾ هندو ڪائونسل پاران نند لال مالهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوشهروفيروز ۾ رڪشا ڊرائيورن ريلي. جڏهن ته سن ۾ سنڌو درياء کان قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي مزار تائين ريلي ڪڍي وئي.ياد رهي ته ان کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌي ميڊيا گروپ پاران سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو هو

Farhan Abro

Hello! My name is Farhan Abro, and I'm based here in Islamabad. My journey in Pakistan's digital media really kicked off when I founded INCPak back in 2012. We built it from the ground up, driven by an entrepreneurial spirit, to be a trusted voice for independent journalism. But while media is a big part of who I am, I'm also shaped by a fascinating mix of other passions. I'm deeply into automotive, which gives me a technical edge, but I also find my artistic expression through landscape photography and music. And I'm always diving into the exciting world of Artificial Intelligence. Bringing all these different worlds together the technical, the creative, the journalistic, and the entrepreneurial—it really colors how I see things and approach every project. It gives me a distinct perspective that I try to bring to everything I share

Related Articles

Back to top button