News AlertsSindh

ڪراچي: فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا، اهلڪار زخمي

ڪراچي ….. ڪراچي ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري نه رڪي سگهيو اڄ به ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ پرتشدد واقعن ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو آهي. رپورٽ موجب ناظم آباد نمبر 2 واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ناظم آباد واري علائقي ۾ گول مارڪيٽ جي هڪ جنرل اسٽور تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٽئي زخمي قمر، سيد حسنين، محمد حسين فوت ٿي ويا، قمر، محمد حسين ۽ سيد حسنين سڳا ڀائر ٻڌايا پيا وڃن. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکيڙجي وئي ۽ دڪان، ڪاروبار بند ٿي ويو. هوڏانهن چورنگي وٽ به هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا مارجي ويا آهن ٻئي پاسي ڪراچي جي ايوب ڳوٺ واري علائقي ۾ هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو آهي پوليس موجب اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي به ٿيو آهي، واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي هوڏانهن ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ بم ڌماڪو ٿيو جنهن سان ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو ٻڌايو پيو وڃي ته قائد آباد واري علائقي مظفر آباد ڪالوني ۾ هڪ گند ڪچري جي ڍير ۾ پوريل بم ڦاٽي پيو هوڏانهن نيو ڪراچي ۾ انڊا موڙ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته نيو ڪراچي جي ئي علائقي ڪريلا اسٽاپ وٽ به هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي، ٻئي طرف ڪراچي جي ماڙيپور ۽ مڇرڪالوني وارن علائقن ۾ به هٿياربندن ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ به هٿياربندن هوٽل تي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، مارجي ويل جي سڃاڻپ زوهيب نالي سان ڪئي وئي آهي.

Farhan Abro

Hello! My name is Farhan Abro, and I'm based here in Islamabad. My journey in Pakistan's digital media really kicked off when I founded INCPak back in 2012. We built it from the ground up, driven by an entrepreneurial spirit, to be a trusted voice for independent journalism. But while media is a big part of who I am, I'm also shaped by a fascinating mix of other passions. I'm deeply into automotive, which gives me a technical edge, but I also find my artistic expression through landscape photography and music. And I'm always diving into the exciting world of Artificial Intelligence. Bringing all these different worlds together the technical, the creative, the journalistic, and the entrepreneurial—it really colors how I see things and approach every project. It gives me a distinct perspective that I try to bring to everything I share

Related Articles

Back to top button